69

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ناڪافي، سرڪار عوام کي ٻيو جهٽڪو ڏيڻ لاءِ تيار

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام ڏکيو ٿي ويو، عالمي مالياتي اداري کان قرض وٺڻ لاءِ ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ساڳي شرح سان پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻيون پونديون، تفصيل موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪيل تازو اضافو ڪافي ناهي، ايندڙ 15 ڏينهن بعد حڪومت کي ساڳي شرح سان وڌيڪ اضافو ڪرڻو پوندو، اهڙي طرح جيڪڏهن حڪومت پيٽروليم شين تي سبسڊي ختم نه ڪئي ته ان کي ماهوار 120 ارب رپيا نقصان برداشت ڪرڻو پوندو جيڪو وفاقي حڪومت جي خرچن کان به وڌيڪ آهي، جيڪو صرف 85 ارب رپين تائين آهي، موجوده حڪومت پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو ڪوڙو ڍڪ آءِ ايم ايف پروگرام بحال ڪرڻ لاءِ پيتو آهي ته جيئن 900 ملين ڊالرز جي قسط جاري ٿي سگهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف راضپو ظاهر ڪيو ته سعودي عرب 3 ارب ڊالر قرض جي ادائگي ۾ سهولت ڏيندو، چين به پاڪستان کي مالي سهڪار فراهم ڪندو، جڏهن ته آمريڪا به اهي ئي قدم کڻندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں