72

25 مئي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار، لانگ مارچ تي عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد 25 مئي کي اسلام آباد جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏنو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽي پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشيد حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته 25 مئي اسلام آباد جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو، هن چيو ته جڏهن 11 سياسي پارٽين جو چور سياستدان گروپ هڪ شخص عمران خان خلاف گڏ ٿي وڃي ته مسئلن جو حل ڳالهين سان نه پر قربانين سان نڪرندو آهي، هن 25 مئي جي لانگ مارچ ۾ شريڪ عوام کي بهادري سان عمران خان جو ساٿ ڏيڻ تي سلام پيش ڪيو، شيخ رشيد چيو ته هڪ ووٽ جي اڪثريت رکندڙ جيڪڏهن وزيراعظم هجي ته اها 22 ڪروڙ عوام جي منهن تي سياسي چماٽ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں