66

قوم امپورٽڊ سرڪار جي غلاميءَ جي قيمت ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نااهل ۽ بي حس حڪومت 30 سيڪڙو سستو تيل خريد ڪرڻ لاءِ روس سان اسان جو طئه ٿيل سودو نه ڪيو، عمران خان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 30 رپيا في ليٽر اضافو تاريخ جو سڀ کان وڏو اضافو آهي، هن چيو ته قوم امپورٽڊ سرڪار جي پرڏيهي آقائن جي غلامي جي قيمت ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ناهل ۽ بي حس حڪومت 30 سيڪڙو سستي تيل جي خريداري لاءِ روس سان اسان جو سودو نه ڪيو، عمران خان چيو ته برعڪس آمريڪا جي اسٽريٽجڪ ڀائيوار ڀارت روس کان سستو تيل خريد ڪري قيمتن ۾ 25 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي، اسان جي قوم هاڻي ڏوهارين جي ان ٽولي جي هٿان مهانگائيءَ جو هڪ وڏو طوفان ڀوڳيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں