78

عمران خان سڄي قوم کي جاڳائي ڇڏيو آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان سڄي قوم کي جاڳائي ڇڏيو آهي، هاڻي عوام سازشين کي پنهنجي ايجنڊا ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت جنهن فسطانيت ۽ بربريت جو مظاهرو ڪيو، ان جو ماضيءَ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي، هن چيو ته جهڙي طرح پوليس ۽ رينجرز جو استعمال ڪيو ويو، وڏي پيماني تي شيلنگ ڪئي وئي، اسان جي ڪارڪنن کي بنا جواز گرفتار ڪيو ويو، معصوم ۽ پرامن شهرين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، اهو انتهائي افسوسناڪ آهي، هن چيو ته پرامن مارچ کي روڪڻ لاءِ هر شهر، هر روڊ، هر گهٽيءَ کي بند ڪيو ويو، پرامن شرين تي بي رحماڻو تشدد ڪيو ويو، شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت نئين چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پر جيڪڏهن ان جو خيال آهي ته ڪو فيصلو اسان جي مڙهيو ويندو ته ياد رکو، ايئن هرگز نه ٿيندو، اسان ٻيهر اينداسين، هن چيو ته حڪومت نيب کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪرپشن ڪيسن کي ختم ڪرڻ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں