لاهور (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف عدالت کي ٻڌايو آهي ته مان سرڪاري خزاني مان پگهار ناهي ورتي ۽ نه ئي ڪڏهن ٽي اي ڊي اي ورتو آهي، اسپيشل سينٽرل عدالت لاهور ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف روسٽرم تي اچي عدالت کي ٻڌايو ته مان صوبي جو خادم رهيو آهيان، مان ڪڏهن به هڪ ٽڪو به ناهي ورتو، شهباز شريف چيو ته گاڏي ۾ پيٽرول به پنهنجو وجهرائيندو هئس، اها رقم ئي 7 کان 8 ڪروڙ ٺهندي هئي جيڪا قانوني حق هئي، شهباز شريف چيو ته شگر ملز کي سبسڊي نه ڏني، جنهن سان منهنجي خاندان کي 2 ارب جو نقصان ٿيو، ان ڪيس ۾ مون تي 25، 25 لک رپيا مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا ويا.
73