83

حڪومت جي ڪوڙي تسلي معيشت کي تباهه ٿيڻ کان نه ٿي بچائي سگهي: شيخ رشيد

ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت طرفان عوام کي ڏنل ڪوڙي تسلي ملڪ جي معيشت کي بهتر نه ٿي بڻائي سگهي، پنهنجي ٽوئٽ بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته عوام چورن جي فرسوده نظام خلاف جهاد ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اڄ ڪري يا سڀاڻي هيءَ حڪومت ختم ٿي رهندي ۽ ان کي ختم ٿيڻ کان ڪو به نه ٿو بچائي سگهي، شيخ رشيد چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم مني لانڊرنگ ڪيس تي فخر ڪري ۽ ادارا ان اڳيان هٿ ٻڌي بيهن ته ان جو الله ئي واهي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي معيشت تباهه حال آهي ۽ ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ جي ويجهو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں