80

حڪومتي اتحاد نيب چيئرمين لاءِ رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر جي نالي تي متفق

اسلام آباد (م ڊ) حڪومتي اتحاد نيب چيئرمين لاءِ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس(ر) مقبول باقر جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آھي.ذريعن جو چوڻ آھي تھ ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين اتحادي پارٽيز وچ ۾ نئين نيب چيئرمين جي نالي تي مشاورت ٿي آھي، سڀ پارٽيون جسٽس(ر) مقبول باقر جي نالي تي متفق ٿيون آھن.ذريعن جو چوڻ آھي تھ حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽيز جسٽس(ر) مقبول باقر جي نالي تي متفق آھن، جڏھن تھ مقبول باقر جو نالو آصف زرداري ۽ شھباز شريف وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران بھ غور ھيٺ آيو ھو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں