70

عمران خان خلاف ڪوڙي بيانبازي بند ڪري اليڪشن تاريخ جو اعلان ڪريو: اسد عمر

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ کانپوءِ ملڪ خراب معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. امپورٽ ٿيل حڪومت کي عوام پهرين ڏينهن ئي رد ڪري ڇڏيو. اهي حرام جو پيسو خرچ ڪري ۽ ضمير خريد ڪري حڪومت ۾ آيا هي حڪومت غير فطري اتحاد تي ٻڌل آهي.اسد عمر چيو ته هي امپورٽ حڪومت نه فيصلا ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري سگهي ٿي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته درآمدي حڪومت آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 30 رپيا واڌ ڪئي. ڏکيو فيصلو اهو هو ته عمران خان روس ويو ۽ سستو تيل خريد ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن ليڊر کي قوم جو درد هجي اهو قوم لاءِ ڏکيا فيصلا ڪري سگهي ٿو.موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي اسد عمر چيو ته امپورٽ ٿيل حڪومت معيشت تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي، اگهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته هاڻي عمران خان خلاف ڪوڙا بيان ڇڏي اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں