62

ملڪ ۾ بجليءَ جو شارٽ فال 5780 ميگاواٽ تائين پهچي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ بجلي جي ڪل پيداوار 18720 ميگاواٽ ۽ طلب 24500 ميگاواٽ ٿي وئي.تفصيل موجب ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 5 هزار 780 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي. پاور ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي مجموعي پيداوار 18 هزار 720 ميگاواٽ آهي، جڏهن ته ڪل طلب 24 هزار 500 ميگاواٽ آهي، جنهن سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 8 کان 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو برقرار آهي. پاور ڊويزن ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت پاڻي مان 4 هزار 611 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ٿرمل پلانٽس هڪ هزار 156 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، نجي شعبي جي پاور پلانٽس مان ڪل پيداوار 9 هزار 568 ميگاواٽ، ونڊ پاور پلانٽس مان 828 ميگاواٽ ۽ سولر پلانٽس مان پيداوار 828 ميگاواٽ آهي. 126، باگاس تي هلندڙ پلانٽس 142 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، ايٽمي فيول 2284 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں