57

پي ٽي آءِ جو امڪاني لانگ مارچ، راولپنڊي ۾ 6 ڏينهن تائين سڪيورٽي هاءِ الرٽ رکڻ جو فيصلو

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي امڪاني لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي حڪومت ايندڙ 6 ڏينهن لاءِ سڪيورٽي هاءِ الرٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اسلام آباد ڏانهن ٻيهر لانگ مارچ ڪرڻ واري سڏ کانپوءِ حڪومت ايندڙ 6 ڏينهن تائين راولپنڊي ۾ سڪيورٽي هاءِ الرٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پنجاب پوليس جي اضافي اهلڪارن کي به واپس وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عمران خان ٻيهر مارچ ڪيو ته 12 ڪلاڪن ۾ راولپنڊي ڊويزن کي سيل ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ ڪنٽينرن جي وٺ پڪڙ شروع ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں