51

ملڪ بچائڻ جو ٺيڪو رڳو اسان ناهي کنيو، ادارا به پنهنجي ذميواري پوري ڪن: عمران خان

پشاور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪرائينداسين، جنهن ۾ سوال ڪيو ويندو ته سپريم ڪورٽ واضح طور ٻڌائي ته پرامن احتجاج پاڪستان جي شهرين جو حق آهي يا نه؟پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو ته ادارا تماشو ڏسي رهيا آهن، پاڪستاني هُجڻ جي ڪري ادارن کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته ملڪ تباهي طرف وڃي رهيو آهي، ملڪ بچائڻ جو ٺيڪو رڳو اسان ناهي کنيو، ادارن جي ذميواري آهي ته اُهي ملڪ بچائين.عمران خان چيو ته زندگي قربان ڪري ڇڏيندس پر هن حڪومت کي قبول نه ڪندس، 6 ڏينهن پورا ٿيڻ بعد اعلان ڪندس ته ٻيهر اسلام آباد ڪڏهن اچي رهيو آهيان، سڀني کي مارچ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻ پوري تياري سان اسلام آباد جو رخ ڪنداسين.هن الزام هنيو ته اسلام آباد ۾ وڻن کي باهه پوليس وارن ۽ ن ليگ وارن لڳائي، پرامن احتجاج تي شيلنگ جو معاملو عدالت ۽ انساني حقن جي تنظيمن آڏو اٿاريندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں