60

حڪومت ۾ تباهه حال معيشت کي بچائڻ جي ڪا صلاحيت ناهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته موجوده حڪومت ۾ تباهه حال معيشت کي بچائڻ جي ڪا صلاحيت ڪونهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هڪ ووٽ جي اڪثريت، بيساکين جو سهارو ۽ آءِ ايم ايف جي خيرات سان ڪيئن هلندي هيءَ حڪومت؟شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن عمران خان گهر ۾ به ويهي رهي ته هي 11 اتحادي پارٽيون هڪ مهينو به گڏ نه هلي سگهنديون، هن چيو ته مهانگائيءَ جو طوفان اچڻ وارو آهي، ان تي حڪومت عوام جي غيض ۽ غضب کان نه بچي سگهندي، ملڪ اتي پهچي ويو آهي جتي سياسي پارٽين جي هلائڻ جي وس جي ڳالهه ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں