75

بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊون، پولنگ جو عمل جاري

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۽ لسبيلا کانسواءِ بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ اڄ بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن، پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو.32 ضلعن ۾ 5 هزار 226 پولنگ اسٽيشنون آهن، جن مان 2 هزار 54 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 1 هزار 974 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ۾ 16 هزار 195 اميدوار بيهاريا ويا آهن جن مان 102 اميدوار بنا مقابلي چونڊيا ويا آهن. پولنگ اسٽيشنن تي پوليس، ليويز ۽ ايف سي جا اهلڪار مقرر آهن.سوراب سميت سبي، ڊيرا بگٽي، پشين، بارکان، چاغي، قلات ۽ زوب ۾ به پولنگ جو عمل جاري آهي، ڊپٽي ڪمشنر سوراب موجب علائقي ۾ ووٽرن جو ڪل انگ 57 هزار 339 آهي، ضلعي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف بولان جي پولنگ اسٽيشن گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڀڄ ۾ جعلي ووٽن جي داخلا خلاف پيپلز پارٽي جي اميدوار جي احتجاج تي پولنگ روڪي وئي، جڏهن ته ڪجهه دير کانپوءِ پولنگ جو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويو.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته پولنگ ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، ماڻهو بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي گهرن کان ٻاهر اچن ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪن، عورتن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته عوام چونڊن دوران ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ ڪنٽرول روم سان رابطو ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں