76

ملڪ ۾ بجليءَ جو شارٽ فال 5 هزار 538 کان وڌي ويو، لوڊشيڊنگ جاري

اسلام آباد (رپورٽر) ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 5 هزار 538 ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي.پاور ڊويزن جي ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جي ڪل پيداوار 19 هزار 465 ميگاواٽ آهي جڏهن ته ڪل طلب 25 هزار 997 ميگاواٽ کان وڌي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هائيڊرو پاور مان 4 هزار 662 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جڏهن ته سرڪاري ٿرمل پاور پلانٽس هڪ هزار 60 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن.ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 8 ڪلاڪن جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هاءِ لائن لاسز وارن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وقت 12 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں