69

پاڪ-ڀارت پاڻي تڪرار تي ڳالهين لاءِ پاڪستاني وفد هندستان روانو

لاهور (م ڊ) انڊس واٽر ڪمشنر سيد مهر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ پنج رڪني وفد پاڪ-ڀارت پاڻي تڪرار تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڀارت روانو ٿي ويو آهي.وفد ۾ ڊي جي موسميات کاتو، آبپاشي کاتو، نيسپاڪ ۽ پرڏيهي وزارت جا نمائندا شامل آهن.پاڻي جي تڪرار تي ٻن ڏينهن واري ڳالهه ٻولهه سڀاڻي نئين دهلي ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ڀارت مان ايندڙ دريائن ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي تي ڳالهايو ويندو.مارچ ۾ اسلام آباد ۾ پاڪ-ڀارت انڊس واٽر ڪمشنر جي ملاقات ٿي هئي ۽ هاڻ 118 هون اجلاس نئين دهلي ۾ ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ سالياني رپورٽ کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں