68

عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جا خواب ڏسڻ وارا پنهنجي ڳڻتي ڪن: پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ پنهنجي حڪومت جو فڪر ڪن، حڪومت اڄ ڪري يا سڀاڻي.هڪ بيان ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته خواب ڏسڻ تي ڪا پابندي ناهي پر حڪمران عمران خان کان ڊنل آهن.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته حقيقي آزادي ۽ لانگ مارچ جون ڀرپور تياريون جاري آهن پر جعلي حڪمران هر اهو غيرقانوني ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان لانگ مارچ کي روڪي سگھجي ٿو، سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ننڍا ڪيس داخل ڪرائڻ سان تيارين ۾ ڪو فرق نه پوندو.پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته عوام جي هڪ ئي دانهن آهي ته جيڪڏهن حڪومت سنڀالي نه پيا سگھو ته آيئو ڇو، عوام سان گڏوگڏ آءِ ايم ايف کي به عارضي حڪومت تي يقين ناهي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عمران خان روس سان 30 سيڪڙو سستي تيل جو معاهدو ڪيو هو پر اڄ مهانگائي جي ڪري ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي بيٺي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں