61

اليڪشن ڪميشن ۽ انتظاميا چونڊ عمل غير شفاف ڪرڻ کان پاسو ڪن: عبدالمالڪ بلوچ

ڪوئٽه: (م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ اڳوڻي بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ اليڪشن ڪميشن ۽ انتظاميه کي خبردار ڪيو آهي.تربت مان جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ انتظاميه چونڊ عمل کي غيرشفاف ڪرڻ کان پاسو ڪن. صوبائي حڪومت جي چونڊ عمل ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن صوبائي وزيرن تي پابندي لڳائي ۽ سندن چرپر کي محدود ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن لواهه، جت، بلور وڃڻ ۽ چونڊون ڪرائڻ جي بجاءِ سب تعلقي هوشاپ جي هاءِ اسڪول ۾ پولنگ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.هن چيو ته علائقن کان 100 ڪلو ميٽر پري بنا ڪنهن اطلاع جي پولنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهي. ان ڪري اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي فوري طور تي هن غير آئيني قدم جو نوٽيس وٺندي چونڊ عمل کي معطل ڪرڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں