52

ڊاڪٽر ياسمين راشد جي نواز شريف کي پاڪستان مان علاج ڪرائڻ جي آڇ

لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف کي پاڪستان ۾ علاج جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. عمران خان جي لانگ مارچ دوران پيش ايندڙ واقعن تي ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته 16 سالن جي عمر کان احتجاج ڪري رهي آهيان پر زندگي ۾ ڪڏهن به اهڙي طرح جو تشدد ناهي ڏٺو. ڳالهين دوران ڊاڪٽر ياسمين راشد نوازشريف کي علاج جي آڇ ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر قابل آهن هاڻ ته واپس اچو.ڊاڪٽر ياسمين راشد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عورتن کي جيڪڏهن اوهان کي گرفتار به ڪرڻو آهي ته آئين موجب هڪ ليڊي پوليس اهلڪار جو هجڻ ضروري آهي. اسان سڀ عورتون اتي هيوسين، جيڪڏهن اوهان فوٽيج ڏسو ته اتي ڪابه ليڊي پوليس اهلڪار نه هئي، اسان جو پرامن احتجاج هو، مان گاڏي ڊرائيو ڪري رهي هيس پهريان 3 ڄڻن مون کي گاڏي مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ان جا فوٽيج به سڀني ڏٺا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں