58

عمران خان گرفتاري جي ڊپ کان پشاور ۾ ڇو ويٺو آهي؟ مريم نواز

مانسهره (م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته عمران خان گرفتاري جي ڊپ کان بني گالا بدران پشاور ۾ ڇو ويٺو آهي؟ عمران خان جيترا وڻيس لانگ مارچ ڪري وٺي، حڪومت ڪاڏي نه ويندي، عوام وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ آهي.مانسهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته ڪي پي عمران خان جي لانگ مارچ کي ايبسوليوٽلي ناٽ چئي رد ڪري ڇڏيو.مريم نواز جو چوڻ هو ته  ڪي پي جي عوام جي محبت جي ڪمائي پاڻي وانگر هاري وئي، جن پيسن مان اسڪول ڪاليج ٺاهڻ گهرجن ها اهي وسيلا ناڪام ڏڦيڙ ۾ وڃايا ويا، عمران خان جو مقصد فتنو ۽ ڏڦيڙ هو.هن چيو ته عمران خان جنهن هيلي ڪاپٽر ۾ ويهي آيو اهو ڪي پي حڪومت جو هو، فرح گوگي به خيبرپختونخوا جو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪيو، ڌرڻي ۾ گاڏيون ڪي پي ۽ جي بي حڪومت جي نمبر پليٽ واريون هيون، ڪرين ڪي پي جي عوام جي ٽيڪس جي هئي، ڪرينون ان لاءِ واپس ٿيون جو عوام ڌرڻي ۾ ته نه آيو هو.هن چيو ته حڪومت کي 40 ڏينهن به نه ٿيا آهن، شهباز شريف اٽو، کنڊ سستي ڪري ڇڏي، عمران خان جي تباهي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا.سندس چوڻ هو ته مينڊيٽ به ٻه نمبر، موقف جعلي خط ۽ عالمي سازش به ٻه نمبر، انقلاب به ٻه نمبر، انقلابي ليڊر عمران خان به ٻه نمبر، ايترا ڳوڙها  شيل نه ايندا جيتراعمران خان جي دوکي سان آيا، هڪ آڊيو ليڪ ٿي جنهن ۾ زرداري صاحب کي منٿون ڪري رهيو هو، جڏهن هن ڏٺو ته لانگ مارچ ناڪام ٿيندو ته نواز شريف وٽ پنهنجا ماڻهو موڪليائين، نواز شريف چيو ته ڌمڪين ۾ نه اينداسين، جيترا لانگ مارچ ڪرڻ آهن ڪريو، پهريان زرداري صاحب کي منٿون ڪيون پوءِ سپريم ڪورٽ کي منٿون ڪيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں