87

بلوچ شاگردن کي ڪالهه به ڏنڊا پئي هنيا ويا،هاڻي به سندن آواز ڪير نٿو بڻجي: عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ بلوچ شاگردن کي ڪالهه به ڏنڊا پئي هنيا ويا،هاڻي به سندن آواز ڪير نٿو بڻجي، رياست جي به ڪا ذميواري هوندي آهي؟اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران صحافين تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا,  جيترا ماڻهو اقتدار جي جنگ ۾ لڳل آهي، اُنهن جو اڌ به زور لڳائي ته ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته رياست پاڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي خلاف ڪردار ادا نٿي ڪري، عدالت صحافين خلاف ڪارروائين بابت مڪنيزم لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں