89

امپورٽڊ حڪومت کائو ۽ نڪرو جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت کائو ۽ نڪرو جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري لکيو ته عمران خان سياحت تي بي مثال توجه ڏني، جنهن پاڪستان کي واپس رستي تي آڻڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري لکيو ته هاڻي ڪجهه مهينن ۾ نااهل حڪومت جو جهاز ٻڏي رهيو آهي، پاڪستان مهينن ۽ هفتن ۾ نه ڏينهن ۾ هيٺ وڃي رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته امپورٽڊ حڪومت کائو ۽ نڪرو جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں