60

پهرين جولاءِ کان بجلي جي اگهن ۾ 8 رُپيا في يونٽ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) پهرين جولاءِ کان بجلي جي اگهن ۾ 8 رُپيا في يونٽ واڌ ٿيڻ جا امڪان آھن، ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي بُنيادي ٽيرف ۾ واڌ ڪئي ويندي، بجلي ورڇ ڪندڙ 10 ڪمپنيز جي درخواستن تي هلندڙ مهيني فيصلو ٿيڻ جا امڪان آھن.نيپرا جي فيصلن بعد وفاقي سرڪار ٽارگيٽيڊ سبسڊي بابت فيصلو ڪندي، هن وقت بجلي جو بُنيادي ٽيرف 16 رُپين کان وڌيڪ آهي، جيڪو 24 رُپيا في يونٽ کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ بنيادي ٽيرف جي بنياد تي ڪئي ويندي ۽ واڌ جو فيصلو نيپرا جي 10 بجلي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ نيپرا طرفان فيصلا متوقع آهن. ذريعن موجب پيٽرول جي قيمتن، ڊالر جي بلندي، گردشي قرضن ۽ ڪمپنين جي خساري سبب بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں