64

امپورٽڊ حڪومت مڙهڻ بعد پاڪستان هميشه لاءِ تبديل ٿي ويو: عمران خان

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پرڏيهي سازش ذريعي اسان تي امپورٽ حڪومت مسلط ٿيڻ بعد پاڪستان هميشه لاءِ تبديل ٿي ويو آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان لکيو ته 26 مئي جي شام 7 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين 7 ڪلاڪن تائين لانگ مارچ دوران ڪنٽينر تي جيڪو ڪجهه ڏٺو اهو هن اڳ ۾ ئي محسوس ڪيو هو.عمران خان ٽوئيٽر تي وڌيڪ لکيو ته پاڪستان هميشه لاءِ تبديل ٿي ويو آهي جڏهن کان ٻاهرئين سازش ذريعي اسان تي درآمد ٿيل حڪومت مسلط ڪئي وئي.پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ذهني غلامي جون ٽنگون آخرڪار هميشه لاءِ ٽٽي ويون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں