لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان محمود رشيد پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.پنجاب جي اڳوڻي وزير ميان محمود رشيد طرفان داخل درخواست ۾ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز ۽ چيف سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح کانپوءِ حمزه شهباز هاڻي وڏو وزير ناهي رهيو، هو اڪثريت وڃائي چڪو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حمزه شهباز نگران وڏي وزير جو عهدو غير قانوني طور استعمال ڪري رهيو آهي، ان ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ ميان محمود رشيد جي درخواست تي چيو آهي ته توهان جي درخواست کي بنيادي ڪيس سان گڏ ٻڌو ويندو.
72