81

وڏي وزير جي چونڊ خلاف درخواستون، حمزه شهباز عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

لاهور (م ڊ) حمزه شهباز لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ خلاف درخواستن تي جواب داخل ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز پنهنجي وڪيل خالد اسحاق جي ذريعي 16 صفحن تي ٻڌل جواب جمع ڪرايو جنهن ۾ هن وڏي وزير جي چونڊ خلاف درخواستون ڏنڊ سميت رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي.حمزه شهباز پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير جي چونڊ آئين ۽ قانون موجب سپريم ڪورٽ جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح کان اڳ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ٿي. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته قانون موجب سپريم ڪورٽ جي بيان جو وڏي وزير جي چونڊ تي ڪو به اثر نه پوندو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو ماضي کان لاڳو نه ٿيندو.حمزا شهباز پنهنجي جواب ۾ چيو ته اڳوڻي گورنر پاران اليڪشن بابت جاچ غير قانوني هئي، سيڪريٽري اسيمبلي کي به اليڪشن بابت پڇا ڳاڇا جو اختيار ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں