76

صدر پنجاب ۽ ڪي پي مان اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.پنجاب مان بابر حسين ڀروانا ۽ خيبر پختونخواهه مان جسٽس (ر) اڪرام الله خان اليڪشن ڪميشن ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن.اهي مقرريون آئين جي آرٽيڪل 218(2) بي تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪيون ويون آهن، ٻئي جايون اڳوڻن ميمبرن جي رٽائرمينٽ کانپوءِ خالي ٿيون هيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں