74

حڪومت وٽ زهر کائڻ جا به پئسا ناهن: مصدق ملڪ

اسلام آباد (م ڊ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته حڪومت وٽ زهر کائڻ جا به پئسا ناهن.محمد عبدالقادر جي صدارت هيٺ سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ، سيڪريٽري پيٽروليم، چيئرمين اوگرا ۽ ڊي جي گيس سميت ڪاروباري شخصيتون به شريڪ ٿيون.پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ ڪميٽي کي ٻڌايو ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن کي ريگوليٽ ڪري ٿي، اسان پيٽروليم شين جي وڪري ۾ پيٽرول پمپس وچ ۾ڀيٽ چاهيون ٿا.هن چيو ته اڳوڻي توانائي واري وزير روس کان تيل خريداري لاءِ هڪ خط ضرور لکيو هو پر روس سان پاڪستان جي تيل خريدڻ جو ڪو معاهدو ناهي.پيٽروليم واري وزارت چيو ته ايران کان گھڻو تيل پاڪستان سمگل ٿي رهيو آهي، ايراني سمگل ٿيل تيل سستو هوندو آهي، جڏهن ته سمگلنگ ڏوهه آهي.سيڪريٽري پيٽروليم ٻڌايو ته گيس سيڪٽر جو گردشي قرض به 1500 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي.مملڪتي وزير چيو ته سوئي گيس ڪمپنين جا اثاثا گھٽ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ ڪمپنين جو منافعو گھٽ ٿي ويو آهي، ان طرح ته هي ڪمپنيون ڏيوالو ٿي وينديون، حڪومت وٽ ته زهر کائڻ جا به پئسا ناهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں