52

چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ لکت وارن شرطن جي نه چين جي سهڪار جي ضرورت آهي: وزيراعظم

 اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي پيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي، امدادي ۽ لکت وارن شرطن جي ضرورت ناهي پر اسان کي پنهنجي چيني دوستن جي سهڪار جي ضرورت آهي.اسلام آباد ۾ چيني سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جي دوسطي خطي ۾ سڀ کان پراڻي دوستي آهي، چين اسان جو سچو ۽ يقين جوڳو دوست آهي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي.هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي گهري ۽ مضبوط آهي ۽ هي ماکي جيان مٺي آهي، هي دوستي طوفان، زلزلن ۽ ٻوڏ ۾ به ناهي لڏي ۽ هر گذرندڙ پل سان مضبوط ٿي آهي.سندس چوڻ هو ته منهنجي اها خوش نصيبي آهي ته مان توهان سان ملاقات ڪئي جيئن هي پيغام ڏئي سگھان ته پاڪستان هر شعبي ۾ چين جو سهڪار ڳولي رهيو آهي.وزيراعظم چيو ته مان ايمانداري سان چئي رهيو آهيان ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ چين جي بي مثال ترقي پاڪستان لاءِ هڪ نمونو آهي، جڏهن مان چين جو دورو ڪيو ته اها ترقي مان پنهنجي اکين سان ڏٺي.شهباز شريف چيو ته چين هر شعبي ۾ ترقي ڪئي، ان ۾ آءِ ٽي، واپار ۽ سمورا شعبا شامل آهن، هنن لکين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ۽ زرعي قانونن ۾ سڌارا لاڳو ڪندي پيداوار ۾ واڌ ڪئي.ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته هي اهو ماڊل آهي، جنهن جي نقش قدم تي پاڪستان کي هلڻ جي ضرورت آهي، هي پاڪستان کي جدت ڏانهن وٺي ويندو،  اهو چوڻ سولو آهي پر ان تي عمل ڪرڻ ڏکيو آهي، عزم ڪيو آهي ته اسان چيلينجن کي منهن ڏينداسين.سندس چوڻ هو ته انهن ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي مالي شرطن، لکت واري امداد جي ضرورت ناهي پر اسان کي چيني دوستن جي مدد جي ضرورت آهي، جيڪي سيڙپڪاري، درآمد، برآمد ۾ تعاون ڪندي اسان جي مهارت کي هٿي ڏين.وزيراعظم چيو ته چين اسان جي مدد ڪري ۽ اسان کي ٻڌائي ته ڪهڙي طرح زرعي ترقي ممڪن آهي، صنعتي پيدوار کي ڪهڙي طرح بهتر ڪري سگھجي ٿو، اسان کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح مهانگي ٻارڻ بدران سولر ۽ هائيڊرو پارڪس مان بجلي جي پيدوار ممڪن آهي.هن چيني قيادت جو ٿورا مڃيندي چيو ته سي پيڪ پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ جو اهم ذريعو آهي، انهن پلانٽ لڳايا، جنهن ذريعي اسان جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ٿيو، سي پيڪ بنا اسان ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيا هئاسين ۽ ان لاءِ اسان صدر شي جن پنگ ۽ چين جا ٿورائتا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں