88

سعودي عرب سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ ممڪن آهي: اسرائيل

لنڊن (م ڊ) اسرائيلي پرڏيهي وزير يائر لپڊ چيو آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ ممڪن آهي.اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيل سعودي عرب سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ پنهنجي اتحادين آمريڪا ۽ خليجي رياستن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.يائر لپڊ چيو ته سعودي عرب سان معمول جا لاڳاپا ڊگهي مدي وارا محتاط عمل آهن پر اهو ممڪن آهي. هن چيو ته اهو ڪو حيران ڪندڙ اعلان نه هوندو جيڪڏهن ڪو معاهدو ڪيو وڃي، جيئن گڏيل عرب امارات ۽ بحرين سان گذريل معاهدن جي صورت ۾ هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں