82

ملڪ ۾ توانائيءَ جو سنگين بحران، شارٽ فال 7 هزار ميگاواٽ کان به وڌي ويو

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ توانائي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ بجلي جو شارٽ فال 7 هزار ميگاواٽ کان به وڌي ويو آهي. پاور ڊويزن جي ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جي طلب 28200 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي ۽ فراهمي 21200 ميگاواٽ جي لڳ ڀڳ آهي جنهن سبب شارٽ فال 7000 ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي.ذريعن موجب هائيڊرو پاور مان 4 هزار 635 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي ۽ سرڪاري ٿرمل پاور پلانٽس هڪ هزار 60 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن جڏهن ته آءِ پي پيز مان 9 هزار 677 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي کوٽ سبب ڪيترائي پلانٽ بند ٿي ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ وڌيڪ لائين لاسز وارن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مدو وڌيڪ آهي.ذريعن موجب ڊيٽا جي دستيابي سبب شيڊول لوڊشيڊنگ جو طريقو استعمال نه ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف توانائي بحران سبب ڪراچي ۽ لاهور ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي ۽ ليسڪو جو شارٽ فال 800 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب شهر ۾ هر 2 ڪلاڪن ۾ هڪ ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ 9 کان 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں