70

حڪومت مهانگائيءَ جي ماريل عوام کي وري بجليءَ جو جهٽڪو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽر) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 99 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيپرا ۾ بجلي 4 رپيا 5 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) اپريل جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ لاءِ درخواست ڏيندي چيو ته گذريل مهيني 12.55 بلين يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي جنهن تي مجموعي لاڳت 133 ارب رپيا هئي.ڊيزل مان 27 رپيا في يونٽ، فرنس آئل مان 28 رپيا في يونٽ، ايل اين جي مان 16 رپيا في يونٽ ۽ ڪوئلي مان 14 رپيا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي.نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي.نيپرا سنڌ جي ميمبر رفيق شيخ چيو ته 33 گيس پاور پلانٽس ميرٽ آرڊر ۾ سرفهرست تي آهن پر جڏهن اڍائي سالن کان گئس ناهي ملي ته اهي ٽاپ تي ڇو آهن. نيپرا ميرٽ آرڊر جي لسٽ درست ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 99 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان صارفين تي 51 ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافي بار پوندو. فيصلو اليڪٽرڪ کان سواءِ بجلي جي سڀني ڊويزنن تي لاڳو ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں