66

هڪ ووٽ جي اڪثريت لاءِ آصف زرداري دربدر ڌڪا کائي رهيو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (رپورٽر) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته هڪ ووٽ جي اڪثريت قائم رکڻ لاءِ آصف زرداري دربدر ڌڪا کائي رهيو آهي، شيخ رشيد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هيءَ حڪومت غير ملڪي دورن ۾ پنهنجي ڪمپني جي مشهوري کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪري رهي آهي، ڏيڍ مهيني کان بلاول پاڪستان کان ٻاهر آهي، هن چيو ته سازش سان آيل حڪومت ماڻهن کي بيوقوف نه ٿي بڻائي سگهي، ملڪ ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري سياسي طور تي انهن کي ٻوڙي ڇڏيندي، ثابت ٿي ويو ته انٽرنيشنل فقير آهن ۽ وقت اچڻ تي پنهنجا ڪپڙا به وڪرو ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، جن ڪپڙن جو ڪي پي ڪي ۾ ڪو خريدار ئي ڪونهي.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں