63

ميمبر استعيفيٰ جي تصديق لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ نه وڃن: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ قيادت پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کي استعيفيٰ جي تصديق واري عمل ۾ حصو نه وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ قيادت قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو استعيفيٰ جي تصديق واري عمل جو حصو نه بڻجن ۽ ان حوالي سان ميمبر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات لاءِ نه وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ قيادت پارٽي ميمبرن آڏو موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان استعيفيٰ ڏني آهي ان ڪري وڌيڪ ڪارروائي جي ضرورت ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں