56

پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ اڻڄاتل مدي تائين جنگ بندي جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان اڻڄاتل مدي تائين جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان وچ ۾ عارضي جنگ بندي 30 مئي تي ختم ٿي وئي، جنهن کانپوءِ جنگ بندي ۾ غيرمعمولي مدي تائين واڌ ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني وفد ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان وچ ۾ ڳالهين کانپوءِ جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ويو.ذريعن موجب پاڪستان ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ دور جون ۾ ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں