65

عمران خان جو جٿن وٽ هٿيارن جي موجودگي جو اعتراف ننڍي ڳالهه ناهي: شازيا مري

اسلام آباد (رپورٽر) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير شازيا  مري چيو آهي ته عمران خان هٺ سان هٿيارن جي موجودگي جو اعتراف ڪيو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيا مري چيو ته غريب ترين طبقي کي پيٽروليم شين جي اگهن جي اثر کان بچائينداسين، هڪ ڪروڙ 40 لک گهراڻن لاءِ 28 ارب رپين جو پيڪيج تيار ڪيو آهي، ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، شروعات جون ۾ ٿيندي.هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل 8 ملين ماڻهن کي واڌو امداد ڏني ويندي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني وڃي.سندس چوڻ هو ته صوبي جا وسيلا وفاق تي حملي لاءِ استعمال ڪرڻ قبولڻ جوڳو ناهي، عمران خان جو جٿن وٽ هٿيارن جي موجودگي جو اعتراف ننڍي ڳالهه ناهي.شازيا مري وڌيڪ چيو ته اڳوڻي حڪومت جا پشاور بي آر ٽي، راولپنڊي رنگ روڊ، گوگي اسڪينڊل جهڙا ڪيترائي معاملا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں