56

لانگ مارچ ۾ هٿيار کڻي اچڻ جو اعتراف، وفاقي ڪابينا نوٽيس ورتو، جاچ ڪميٽي قائم

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان لانگ مارچ ۾ هٿيار کڻي اچڻ جي اعتراف جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 25 مئي تي پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ڪابينا عمران خان جي لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي عوام کي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته ميڊيا ۽ اطلاعات واري وزارت طرفان عوام لاءِ هٿياربند جٿن ۽ انهن جي اصل چهري جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي.وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڏني هئي ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هجڻ گهرجن، جنهن تي راڻا ثناءُ الله ٻڌايو ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هئا.وفاقي ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سڀني اهلڪارن کي پنهنجا فرض انجام ڏيڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي.گهرو وزير اجلاس کي ٻڌايو ته رياست مخالف ڪو لانگ مارچ ٿيو ته ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.وفاقي ڪابينا تحريڪ انصاف چيئرمين طرفان ڪارڪنن کي هٿيار اسلام آباد کڻي اچڻ جو چوڻ واري بيان جو سختي سان نوٽيس ورتو.وفاقي ڪابينا خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان جي بيانن جو به نوٽيس ورتو ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ هن چيو هو ته هن ڀيري ڀرپور قوت سان رياست ۽ وفاقي تخت گاهه تي حملو ڪنداسين.وزيراعظم شهباز شريف، عمران خان طرفان ڪارڪنن کي هٿيار آڻڻ جو چوڻ جي اعتراف کانپوءِ جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.ڪميٽي ۾ راڻا ثناءُ الله، قمر زمان ڪائرا، اياز صادق، اسعد محمود، اعظم نذير تارڙ کي شامل ڪيو ويو، ڪميٽي عمران خان ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان جي بيانن جو جائزو وٺي حڪمت عملي طئي ڪندي.گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ڪابينا کي ٻڌايو ته 25 مئي تي پي ٽي آءِ طرفان لانگ مارچ ڪا سياسي سرگرمي نه هئي پر رياست مخالف سوچيل سمجهيل سازش هئي، خيبر پختونخواهه حڪومت جا وسيلا استعمال ڪندي پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن اڳ ڪي پي هائوس ۾ هٿياربند جٿن کي گڏ ڪيو، اها سياسي سرگرمي نه پر واضح طور رياست تي حملي جي ڪوشش هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں