70

اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ اهم معاهدا

دبئي (م ڊ) گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل آزاد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ پيش رفت آهي. معاهدي تي صحيحون ڪيو ويو اسرائيلي وزير اقتصاديات ۽ صنعت اورنا باربيوا ۽ هن جي اماراتي هم منصب عبدالله بن توڪ المري مهينن جي ڳالهين کانپوءِ هي اسرائيل جو ڪنهن به عرب ملڪ سان پهريون آزاد واپاري معاهدو آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو حجم 2 ارب ڊالرن کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته معاهدي تحت شين تي 96 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪئي ويندي. ان موقعي تي اسرائيل ۾ يو اي اي جي سفير محمد محمود فتح علي عبدالله الخجا چيو ته هي معاهدو هڪ بي مثال ڪاميابي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں