66

اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهي پر فيصلو حڪومت کي ڪرڻو پوندو: سڪندر سلطان

اسلام آباد (رپورٽر) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهي پر حڪومت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته چونڊون ڪڏهن ڪرائڻيون آهن،اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا فيصلا بنا ڪنهن خوف جي ڪندو آهي ۽ ڪندو رهندو. سڪندر سلطان راجا چيو ته سڀ اسان جا دوست آهن، اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سڪندر سلطان راجا چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهي، پر نئين چونڊن جو فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته تڪ بندين تي ڪم زور شور سان جاري آهي، مردم شماري تي اليڪشن ڪميشن جو موقف واضح هو ته آدمشماري باضابطا شايع ٿيڻ کان اڳ تڪ بنديون نه ٿي سگهيون.هن چيو ته 2017 جي مردم شماري جا نتيجا مئي 2021 ۾ شايع ٿيا، مردم شماري جا نتيجا اچڻ کانپوءِ نئين حد بندين تي ڪم شروع ڪيو ويو، 2018 جي چونڊن ۽ تڪ بندين بابت خاص آئيني ترميم آندو ويو.سڪندر سلطان راجا چيو ته حڪومت ڊجيٽل مردم شماري ڪرائڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن ڊسمبر 2022ع تائين ڊجيٽل مردم شماري جا نتيجا اچي وڃن ته وقت تي حد بنديون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي استعيفيٰ جو ڪيس اليڪشن ڪميشن ڏانهن نه اماڻيو هو. پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت پڇيل سوال تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، پارٽين کي صفائي جو موقعو ڏيڻ ضروري آهي، ٻڌڻي ۾ ڇا ٿيندو آهي، صحافي بهترين جج آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں