76

پنجاب ڪابينا ۾ وزارتن جي معاملي تان پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار

لاهور (م ڊ) پنجاب ڪابينا ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ ڊيڊ لاڪ آهي.ذريعن موجب پيپلز پارٽي فوري طور تي 5 وزارتن جا قلمدان طلب ڪري ورتا آهن ۽ 5 وزيرن جي حلف برداري جو مدو به جلد مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ ڪابينا جي معاملي تي جاري ڊيڊ لاڪ جلد ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي سينيئر وزير جي مقرري نه ڪرڻ تي ن ليگ سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ن ليگ پ پ سان مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں