83

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ٻن ميمبرن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (رپورٽر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ٻن نون ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي.اسلام آباد ۾ هيڊ آفيس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن حلف کنيو جتي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا نون ميمبرن کان حلف ورتو.اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۾ بابر حسن ڀريوانا پنجاب ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان خيبرپختونخواهه جي ميمبر طور حلف کنيو.نون ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته صدر ٻنهي ميمبرن جي مقرري ڪئي آهي ۽ سمورن صوبن مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري مڪمل ٿي چڪي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں