63

پاڪستان تي روسي تيل وٺڻ جي پابندي نه هجي ته تيل وٺنداسين: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن روس سستو تيل فراهم ڪري ٿو ۽ پاڪستان تي روسي تيل خريد ڪرڻ تي پابندي نه لڳائي وئي ته پاڪستان ان تي ضرور غور ڪندو.آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ سادگي جا قدم هوندا، خاص ڪري ٽيڪسن ۾ واڌ ڪنداسين ،هن چيو ته آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته اسان پيٽرول، ڊيزل ۽ پاور سيڪٽرز ۾ گذريل حڪومت جي سبسڊي ختم ڪنداسين،ناڻي واري وزير چيو ته جيڪڏهن روس سستو تيل جي آڇ ڪئي ۽ پاڪستان روسي تيل خريد ڪرڻ تي پابندي نه لڳائي ته پاڪستان ان تي ضرور غور ڪندو. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته گذريل حڪومت روس سان تيل جي خريداري لاءِ رابطو ڪيو هو پر روس پابندين سبب جواب نه ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں