58

مهانگائيءَ جي ماريل عوام لاءِ سٺي خبر، ايل پي جي جي قيمت ۾ 13 رپيا في ڪلو گهٽتائي

اسلام آباد (رپورٽر) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي مائع پيٽروليم گيس (ايل پي جي) جي قيمت ۾ 13 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. اوگرا ايل پي جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 155 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 2581 رپيا ٿي وئي آهي. قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ڪمرشل سلينڊر جي نئين قيمت 9931 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں