65

ڪنهن به قانون سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ کان محروم ناهي ڪيو:عدالت

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته اڳوڻي ۽ موجوده قانون ۾ به پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محروم ناهي رکيو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ پرڏيهه پاڪستانين جي ووٽ جي حق کان محرومي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ درخواستگذار دائود غزنوي طرفان وڪيل عارف چوڌري پيش ٿيو ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته گذريل حڪومت جي دور ۾ ترميم سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب نه هئي، بديع النساءَ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.چيف جسٽس چيو ته ماضي ۽ موجوده قانون ۾ به پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محروم ناهي رکيو ويو. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں