48

بلوچستان اسيمبلي ميمبرن پاران نئين تڪبندين تي عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن اليڪشن ڪميشن طرفان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي نئين تڪ بندين کي رد ڪندي ان کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر سردار بابر موسيٰ خيل جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بي اين پي جي ايم پي ايز ثناءُ بلوچ، احمد نواز بلوچ، ايڇ ڊي پي ايم پي اي قادر علي نائل ۽ صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کٽياڻ اعتراض اٿاريا، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن حلقه بنديون صحيح ناهن ڪيون. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حوالي سان نئين حد بنديون ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي نئين حد بندين کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته صوبي ۾ نين حد بندين کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں