62

اسٽيبلشمينٽ صحيح فيصلا نه ڪيا ته فوج تباهه ۽ ملڪ ٽن حصن ۾ ورهائجي ويندو: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ صحيح فيصلا نه ڪيا ته فوج تباهه ٿي ويندي ۽ پاڪستان ٽن حصن ۾ ورهائجي ويندو. هڪ خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته هي اصل ۾ پاڪستان جو مسئلو آهي، اهو اسٽيبلشمينٽ جو مسئلو آهي، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ صحيح فيصلا نه ڪئي ته پوءِ اوهان کي لکي ڏيان ٿو ته فوج تباهه ٿي ويندي،ملڪ ديواليو ٿي ويندو هن چيو ته جيڪڏهن انهن ماڻهن کي اقتدار تان نه هٽايو ويو ته ملڪ جا ايٽمي اثاثا کسجي ويندا ۽ جيڪڏهن درست فيصلا نه ڪيا ويا ته پاڪستان ٽن حصن ۾ ورهائجي ويندو. ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان اڳ چيو هو ته جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي اقتدار ۾ رکڻو آهي ته پاڪستان تي ايٽم بم ڪيرائڻ بهتر آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں