59

ڪو به پاڪستاني هن ملڪ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه نٿو ڪري سگهي: آصف زرداري

اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عمران خان جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪو به پاڪستاني هن ملڪ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه نٿو ڪري سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف زرداري چيو آهي ته هي ٻولي ڪنهن پاڪستاني جي نه پر مودي جي آهي، عمران خان دنيا ۾ اقتدار ئي سڀ ڪجهه ناهي، بهادر ٿي پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکو ۽ سياست ڪريو هن چيو ته ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي خواهش اسان ۽ اسان جي اولاد جي جي هوندي پوري نه ٿي سگهندي. ان کان علاوه آصف زرداري پيپلز پارٽي کي هدايت ڪئي ته عمران خان جي ناپاڪ بيان خلاف روڊن تي نڪري اچي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں