55

عمران نيازي پاڪستان جو بال ٺاڪري ۽ پي ٽي آءِ آر ايس ايس جو ٻيو نالو آهي: حافظ حمدالله

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ٽوڙيو ويندو پر پاڪستان قائم رهندو.پي ٽي ايم جي ترجمان حافظ حمدالله به عمران خان جي بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي پر پاڪستان قائم رهندو هن چيو ته عمران خان جي ملڪ خلاف ٻولي ڪنهن محب وطن جي نه پر ملڪ دشمن جي هئي، عمران نيازي پاڪستان جي بال ٺاڪري ۽ پي ٽي آءِ آر ايس ايس جو ٻيو نالو آهي. حافظ حمدالله چيو ته عمران نيازي اقتدار ۽ ڪرسي جي لالچ ۾ پاڪستان ۽ فوج کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو آهي.هن وڌيڪ چيو ته انشاءَ الله پي ٽي ايم، اتحادي پارٽيون ۽ پوري قوم تنهنجي سياست ختم ڪري مري ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں