70

عدالت پوليس کي اسد قيصر ۽ حماد اظهر کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر ۽ اسد قيصر کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته تفصيل ڏنا وڃن ته اسد قيصر خلاف چئني صوبن ۾ ڪيترا ڪيسز داخل ٿيل آهن. وفاقي گهرو سيڪريٽري کان ايندڙ ٻڌڻي تي جواب پڻ طلب ڪيو ويو آھي، عدالت حماد اظهر جي 5 هزار رُپين جَي مچلڪن عيوض حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، حماد اظھر کي عدالت پاران 11 ڏينهن ۾ مقامي عدالت اڳيان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪيون هيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں