66

ٽرين ۾ عورت سان زيادتي، وزيراعظم شهباز شريف نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم شھباز شريف، بھاءُ الدين زڪريا ايڪسپريس ۾ عورت سان زيادتي واري واقعي جو نوٽيس ورتو آھي، وزيراعظم شھباز شريف ٽرين ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي مذمت ڪندي ريلوي عملدارن کان رپورٽ طلب ڪئي آھي ۽ متاثر عورت کي مڪمل انصاف فراھم ڪرڻ سان گڏ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ جو حڪم ڏنو آھي، وزيراعظم شھباز شريف جي ھدايت تي ريلوي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون بھ تجويز ڪيون ويون آھن، ذريعن موجب وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراھ سلمان صوفي جي سربراھي ۾ پي ايم اسٽريٽجڪ ريفارمز ڪميٽي ريلوي جي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آھن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں