86

غريب عوام تي هڪ ٻيو حملو، پيٽرول 30 رپيا ۽ بجلي 7.91 پئسا في يونٽ مهانگي

اسلام آباد (رپورٽر) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 30 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي.ناڻي واري وزير وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 30-30 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪيو.ٻئي طرف نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 7.91 رپيا في يونٽ تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.نيپرا ان منظوري کانپوءِ فيصلو حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي،  جنهن کانپوءِ حڪومت طرفان اگهه وڌائڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.پڌرائيءَ موجب نيپرا جو سراسري ٽيرف 16.91 رپين مان وڌائي 24.82 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي، ٽيرف وڌڻ جو بنيادي سبب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، ڪيپيسٽي لاڳت ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ مهانگو ٿيڻ آهي.نيپرا چيو آهي ته توانائي جي خريداري جي قيمت 1152 ارب رپيا هجڻ جو امڪان آهي، اين ٽي ڊي سي ۽ ايڇ وي ڊي سي سان گڏ ڪيپيسٽي لاڳت 1366 ارب رپيا آهي، ڊسڪوز جي ڪُل روينيو جي لاڳت تقريبن 2805 ارب رپين هجڻ جو امڪان آهي.نيپرا موجب ميپڪو، پيسڪو، گيپڪو، حيسڪو، ڪيسڪو، ٽيسڪو کي 5 سالن جي مدي ۾ ڊسٽريبيوشن سسٽم ۾ انويسٽمينٽ پروگرام لاءِ تقريبن 406 ارب رپين جي سيڙپڪاري جي اجازت ڏني آهي، ڊسڪوز جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن لاسز کي به 13.46 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 11.70 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.نيپرا جو چوڻ آهي ته مقرر ڪيل ٽيرف وفاقي حڪومت جي نوٽيفڪيشن لاءِ موڪليو ويو آهي، ميپڪو، پيسڪو، گيپڪو، حيسڪو، سيپڪو، ڪيسڪو ۽ ٽيسڪو مالي سال 21-2020 کان 25-2024 تائين ملٽي ايئر ٽيرف لاءِ درخواستون ڏنيون هيون.پنهنجي پڌرائيءَ ۾ نيپرا چيو آهي ته آئيسڪو، ليسڪو ۽ فيسڪو منظور ٿيل ملٽي ايئر ٽيرف موجب سالياني ايڊجسٽمينٽ جون درخواستون ڏنيون هيون، اٿارٽي فيصلن ۾ مالي سال 23-2022 جو ٽيرف مقرر ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں